جمال خاتون بيبي سيوستاني

جمال خاتون، بيبي سيوستاني: هيءَ بيبي عالم اسلام جي مشهور ۽ عارف ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي ڀيڻ هئي، تصوف ۽ تجريد جي راهه رسم پنهنجي والده ۽ ڀاءُ کان حاصل ڪيائين. بيبي صاحبه درس ۽ تدريس جو ڪم پنهنجي گهر ۾ ڪندي هئي. سن 1049هه/1639ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو